برسلز – 02 – فيبروري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سيڪيورٽي پاليسي بابت اعليٰ نمائندي جوزپ بوريل ايف جي دعوت تي بيلجيئم ۾ ٽئين انڊو پيسفڪ وزارتي فورم ۾ ??رڪ?? ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نگران پرڏيهي وزير گڏيل خوشحالي، اقتصادي استحڪام ۽ سيڙپڪاري جي موضوع تي گول ميز ڪانفرنس ۾ پڻ ??رڪ?? ڪئي. نگران پرڏيهي وزير ان موقعي تي خطاب ڪندي عالمي حصيداري جي مستقبل جي رستي جو خاڪو پيش ڪيو. هن ورڇ ڪندڙ بل??ڪ پاليٽڪس ۽ وڏي طاقت جي مقابلي جي تصورن کان پري وڃڻ جي گڏيل ذميواري تي زور ڏنو. نگران پرڏيهي وزير چيو ته عالمي ??ئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ويجهي تعاون ۽ گهڻ رخ?? شعبي عالمي حصيداري جي ضرورت آهي. هن عالمي ??يجيٽل تعاون جي مرڪزن جي ترقي، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي طريقيڪار ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ سائوٿ – سائوٿ ٽه رخي تعاون جي نقطه نظر جي تجويز پيش ڪئي.