اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) ايران جو صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي ٽن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. اسلام آباد ايئرپورٽ تي س??دس شاندار استقبال ڪيو ويو. پرڏيهي آفيس موجب هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده ۽ ايران ۾ پاڪستان جي سفير مدثر ٽيپو س??دس آجيان ڪئ??. ايراني صدر سان گڏ س??دس گهرواريءَ ۽ پرڏيهي وزير کانسواءِ ڪابينا جي ٻين ميمبرن ۽ اعليٰ عملدارن تي ٻڌل هڪ اعليٰ س??ح وفد پڻ گڏ آهي. صدر ابراهيم رئيسي جو دورو پاڪستان جي اسٽريٽجڪ ايجنڊا پاڪ ايران لاڳاپن جي گهرائي ۽ سگهه جي عڪاسي ڪري ٿو. هو پاڪستان ۾ قيام دوران صدر ۽ و??ير??عظم، سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان ملاقاتون ڪندو. هو لاهور ۽ ڪراچي جو پڻ دورو ڪندو ۽ صوبائي قيادت سان ملاقاتون ڪندو.