اسلام آباد -12 مئي (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آزاد ڄمون ڪشمي?? جي موجوده صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي سمورين ڌرين تي زور ڀريو آهي، ته اهي پ??هنجي مطالبن جي حل لاءِ پرامن رستو اختيار ڪن. وزيراعظم ??ن ڳالهه تي زور ڀريو ته بحث مباحثو ۽ پرامن احتجاج جمهوريت جي خوبصورتي آهي، پر قانون کي پ??هنجي هٿن ۾ کڻڻ ۽ سرڪاري ??لڪيتن کي نقصان پهچائڻ کي برداشت نه ٿو ڪري سگهجي. هن ايڪس ٽائيم لائين تي پ??هنجي پ??سٽ ۾ چيو آهي، ته بدقسمتي سان افراتفري ۽ اختلاف راءِ جي صورتحال ۾ هميشه ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جيڪي فوري سياسي پ??ائنٽ اسڪورنگ شروع ڪري ڏيندا آهن. هن وزيراعظم ??زاد ڪشمير سان به ??الهايو ۽ خطي ۾ مسلم ليگ (ن) جي سمورن عهديدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن سان گڏجي پرامن حل تلاش ڪن. هن جو چوڻ هو ته مخالفن جي ڪوششن باوجود اميد آهي، ته معاملو جلد حل ٿي ويندو.