راولپنڊي – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي هڪ ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير اسحاق ڊار، وفاقي گهرو و??ير سيد محسن رضا نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي و??ير عطاءُ ال??ه تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم شهباز شريف ايران جي سپريم ليڊر آيت ال??ه خامنه ??ي، وقتي صدر ڊاڪٽر محمد مخبر سان ملاقات ڪندو ۽ ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، پرڏيهي و??ير حسين امير عبداللهيان ۽ ٻين جي 19 مئي تي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران تعزيت ڪندو.