تهران – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي مرحوم صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، ايران جي مرحوم پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ساٿي جيڪي 19 مئي 2024ع تي هيليڪاپٽر جي افسوسناڪ حادثي ۾ شهيد ٿي ويا، انهن جي لاءِ منعقد يادگاري تقريب ۾ شرڪت ڪئي، وزيراعظم مرحوم ايراني صدر جي ايران?? عوام جي ترقي ۽ خوشحالي، پاڪ – ايران لاڳاپن جي فروغ ۽ خطي جي لاءِ خدمتن تي کيس شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب تقريب دوران وزيراعظم ان هال ۾ به ويو جتي مرحوم ايراني صدر جو جسد خاڪي رکيو ويو هو. وزيراعظم مرحوم صدر جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم مرحوم ايراني صدر جي ايران?? عوام جي ترقي ۽ خوشحالي، پاڪ – ايران لاڳاپن جي فروغ ۽ خطي جي لاءِ خدمتن تي کيس شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي وقتي صدر ڊاڪٽر محمد مخبر ??ان پ??ڪس??ان جي حڪومت ۽ عوام پاران تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پ??ڪس??ان جي حڪومت ۽ عوام کي اسلامي جمهوريه ??يران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ٻين ساٿين جي افسوسناڪ حادثي ۾ شهادت جي خبر??ان شديد صدمو پهتو آهي، ا??ان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندانن ۽ اسلامي جمهوريه ??يران ج?? عوام ??ان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته ا??ان جون سموريون همدرديون شهيدن جي گهرڀاتين ۽ ايران?? عوام ??ان آهن. پوري پ??ڪس??اني قوم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ڀائر ملڪ ايران ??ان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته مرحوم ايراني صدر پ??ڪس??ان جو عظيم دوست هو. سندس گذريل مهيني پ??ڪس??ان جي دوري دوران پ??ڪس??ان?? عوام ??ان گذاريل لمحا سدائين ياد رکيا ويندا. وزيراعظم ايران جي نگران صدر ڊاڪٽر محمد مخبر جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي گهرووزير سيد محسن نقوي، واپار وارو وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم ??ان گڏ هئا.