اسلام آباد – 04 – جون (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چيني قيادت جي دعوت تي چين جي سرڪاري دوري جي پهرين مرحلي ۾ شينزن پهچي شهر جي خوبصورتي ۽ ترقي کان متاثر ٿيو آهيان جيڪا جديد دور جي چين جي عڪاسي ??ري ٿي. ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي پنهنج?? پيغام ۾ هن چيو ته چين جي صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ ۽ ٻين چيني اڳواڻن ۽ اعليٰ عملدارن سان باضابطا ڳالهه ٻولهه جي لاءِ بيجنگ وڃڻ کان اڳ شينزن جي صوبائي عملدارن، ڪاروباري برادري ۽ صنعتي ادارن سان ڳالهه ٻولهه تي ٿورائتو آهيان.