اسلام آباد –; 06 ??ولاءِ (اي پي پي) وزيراع??م محمد شهباز شريف ڊا??ٽر مسعود پزشڪيان کي ايران جي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي تي دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته پاڪستان ۽ ايران جي ٻطرفي لاڳاپن ??ي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ ساڻس گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهيان. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته منهنجي ڀاءُ ڊا??ٽر مسعود پزشڪيان کي ايران جي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي تي دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏيان ٿو، آئون پاڪستان ۽ ايران جي ٻطرفن لاڳاپن ??ي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ چونڊيل صدر ڊا??ٽر پزشڪيان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهيان. هن چيو ته پاڙيسري ملڪ جي حيثيت سان پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ويجها ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، اسان کي گڏيل فائديمند لاڳاپن ذريعي پنهنجي ٻنهي ملڪن جي عوام جي روشن مستقبل کي يقيني بڻائڻ گهرجي.