اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي ۾ ضابطي وارن سڌارن تي اثرائتي نمو??ي عمل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. هن اها ڳالهه جيڪب ڪارڊوا اينڊ ايسوسيئيٽس جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر اسڪاٽ جيڪب سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪئي. سيڙپڪاري بورڊ جي سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل وزارتن، ڊويزنن جا آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. ملاقات ۾ ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ مجموعي ضابطا جاتي ماحول کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان سڌارن تي ڳالهيون ٿيون. اسڪاٽ جيڪب ريگيوليٽري نظام کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ جامع تجويزون ڏنيون. هن ان حوالي سان بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ معياري طريقيڪار جي ت??ويز به ڏني. ناڻي واري وزير سڌارن جي اهميت جي ت??ئيد ڪندي انهن سڌارن تي موثر نمو??ي عمل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ڳالهين ۾ انهن شعبن جو به خاص طور تي ذڪر ڪيو ويو جتي ضابطا جاتي فريم ورڪ جي حوالي سان سڌارا ضروري آهن. ڌرين ضابطا جاتي سڌارن لاءِ ڍانچا جاتي طريقيڪار اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.