اسلام آباد -04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت غيرقانوني طور تي پنهنجي قبضي هيٺ ڄمون ڪش??ير تي پنهنجي قبضي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ نئين ۽ ناپاڪ قدمن جو هڪ گندو سلسلو شروع ڪيو، تڏهن کان ڀارت دنيا کي اهو ڌوڪو ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ته ڄمون ۽ ڪش??ير ان جي سرزمين جو هڪ حصو آهي، جڏهن ته عالمي قانونن، تاريخي حقيقتن، اخلاقي اصولن ?? زميني صورتحال ڀارت جي بي بنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل دعوائن کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان ڪش??يرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري يوم استحصال جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄوڪو ڏينهن سڄي پاڪستاني قوم ۽ پاڪستان حڪومت کي يوم استحصال جي ڪاري ڏينهن جي ياد ڏياري ٿو. 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني طور تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪش??ير ۾ غيرقانوني ۽ ناپاڪ قدمن ۽ ان جي سنگين نتيجن جي شروعات ٿي. هن چيو ته اڄ غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪش??ير ۾ ڪش??يري عوام جي حقيقي قيادت کي خاموش ڪرڻ ۽ ميڊيا جي آواز کي دٻائڻ لاءِ ڀارت طرفان هر قسم جي ڪُڌي حرڪت اپنائي پئي وڃي. ڀارتي قبضي هيٺ ڪش??ير ۾ سياسي قيدين جو انگ هزارن ۾ آهي، جڏهن ته 14 ڪش??يري سياسي تنظيمن کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي، جنت جهڙي ڄمون ڪش??ير ۾ ڀارت طرفان بيگناهه ڪش??يرين کي هراسان ڪرڻ، غيرقانوني گرفتاريون، هٿ ٺوڪيا گهيراءَ ۽ تلاشي جون ڪ??رر??ائيون روز جو معمول بڻجي چڪيون آهن، ڀارتي فوج مختلف ظالماڻن قانونن جي آڙ ۾ مظلوم ڪش??يرين تي ظلم ڪري رهي آهي، وزيراعظم چيو ته اڄوڪي ڏينهن مان ڪش??يري عوام جي بي مثال حوصلي، جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪيان ٿو، جنهن جي ڪري ڪش??يري ڀينرن ۽ ڀائرن قانوني طور تي ڪمزور بڻائڻ جي هر ڀارتي ڪوشش جو ڄمي مقابلو ڪري رهيا آهن، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ڀارت جو هر قسم جو ظلم ۽ ڏاڍ ۽ غيرقانوني حرڪتون ڪش??يرين جي خوداراديت واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جي تڙپ کي گهٽ ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته تاريخ اهو ثابت ڪيو آهي، ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن، ڄمون ڪش??ير تڪرار جي حل تي ٻڌل آهي. ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀارت کي هر حال ۾ تڪرارن کان انڪار بجاءِ انهن تڪرارن جي حل طرف اڳيان وڌڻو پوندو. هن چيو ته عالمي برادري کي ڀارت تي زور ڀرڻ گهرجي ته هو غيرقانوني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ڪش??ير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي روڪي. 5 آگسٽ 2019ع جي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي واپس وٺي. پنهنجي فوج کي معصوم ڪش??يرين تي ظلم ڪرڻ جي کليل آزادي ڏيندڙ قانونن کي ختم ڪري ۽ ڄمون ڪش??ير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي عملدرآمد ڪرايو وڃي. هن چيو ته پاڪستان ڪش??يري عوام جي خوداراديت واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين انهن جي ڀرپور اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.