اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ت?? پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام بنگلاديش جي عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ت?? اسان بنگلاديش ۾ حال??ن جي ت??زي سان ۽ پرامن انداز ۾ معمول تي اچڻ جي اميد ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته اسان کي يقين آهي ت?? بنگلاديشي عوام جو جذبو ۽ اتحاد انهن کي هم آهنگي ت?? ٻڌل مستقبل طرف وٺي ويندو.