اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي ڇوٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جا??ي بيان موجب صدر سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني آهي. سزائن ۾ گهٽتائي قتل، جا??وسي، رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث قيدين ??ي لاڳو نه هوندي. سزائن ۾ گهٽتائي زنا، چوري، ڦر، اغوا، دهشتگردي ۾ سزا يافته ڏوهارين تي به لاڳو نه هوندي. سزا ۾ گهٽتائي مالي ڏوهن، قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهارين تي به لاڳو نه هوندي. سزا ۾ گهٽتائي غيرملڪي ماڻهو ايڪٽ 1946ع ۽ منشيات ڪنٽرول (ترميمي) ايڪٽ 2022ع تحت سزا يافته ماڻهن ??ي لاڳو نه هوندي. هڪ ڀاڱي ٽي حصو قيد ڪا??ي ڇڏيندڙ 65 سالن کان وڏي عمر جي مرد قيدين تي سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. هڪ ڀاڱي ٽي حصو قيد ڪا??ي ڇڏيندڙ 60 سال کان وڏي عمر جي عورت قيدين تي به سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. ٻارن سان گڏ جيل ۾ ??وج??د عورت قيدين تي به سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. هڪ ڀاڱي ٽي حصو سزا ڪا??ي ڇڏيندڙ 18 سال کان گهٽ عمر جي ماڻهن تي به سزا ۾ گهٽٽائي لاڳو هوندي.