اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار ??اري وفاقي وزير راڻا تنوير حس??ن چيو آهي ته يوم دفاع ملڪي تاريخ جو هڪ اهم تر??ن ڏينهن آهي، پا?? فوج سڄي قوم جو فخر آهي. جمعي ڏينهن يوم دفاع جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته دفاع جو ڏهاڙو پا?? فوج جي بهادري ۽ قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي. يوم دفاع پا??ستاني فوج جو عظيم ڪارنامو آهي. هن چيو ته ان ڏينهن پا?? وطن جو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو ٿي ويو، 6 سيپٽمبر دشمن کي عبرتناڪ شڪست ملي، يوم دفاع اسان سڀني کي شهيدن جي قربانين جي ياد ڏياري ٿو، اسان کي شهيدن جي خاندانن جو خاص خيال رکڻو آهي. ملڪ کي اڄ به دهشتگردي ۽ دشمن جي ناپاڪ ارادا درپيش آهن، سڄي قوم پنهنجي اتحاد ۽ ايمان سان دشمن کي ٻيهر شڪست ڏيندي.