اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ روس پرڏيهي وزارت اس??ام آباد ۾ منعقد هڪ تقريب ۾ معيشت ۽ واپار جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي هڪ مف??همتي يادداشت تي صحيحون ڪيون. تقريب ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ روسي فيڊريشن جي نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ پڻ شرڪت ڪئي. پاڪستان مرڪنٽائل ايڪسچينج ۽ سينٽ پيٽرزبرگ انٽرنيشنل مرڪنٽائل ايڪسچينج جي وچ ۾ مف??همت جي يادداشت تي پاڪستان پاران پاڪستان مرڪنٽائل ايڪسچينج جي وقتي مئنيجنگ ڊائريڪٽر فرحان طا??ر ۽ روس پاران سينٽ پيٽرزبرگ انٽرنيشنل مرڪنٽائل ايڪسچينج جي صدر ايگور آرٽيميف صحيحون ڪيون. پاڪستان عالمي ٽرانسپورٽ ڪوريڊور بيلاروس – روس – قازقستان – ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي بابت مف??همت نامي ۾ شموليت جو پڻ اعلان ڪيو. دستاويز تي پاڪستان پاران مواصلات واري سيڪريٽري علي شير محسود صحيحون ڪيون.