اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سوات ۾ پوليس وين ويجهو بم ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري ٿيل بيان موجب صدر مملڪت ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ وارثن س??ن افسوس جو اظهار ڪيو. صدر چ??و ته دهشتگرد عنصر نه رڳو ملڪ ۽ قوم پر انسانيت جا دشمن آهن. صدر دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جي عزم ج?? اظهار ڪندي ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن لاءِ جلد صحتيابي جي دعا ڪئي.