اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي بزنس ڪميونٽي کي گڏيل منصوبن ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪنداسين، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مع??شي تعاون مان ڀرپور فائدو کڻ??و آهي جڏهن ته ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم چيو ته مع??شي ترقي ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ پاليسين جو تسلسل لازمي آهي، اسان ٻطرفي و??پا??، سيڙپڪاري ۽ روانگي و??پا?? جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ملائيشيا – پاڪستان اعليٰ سطحي بزنس ڊائيلاگ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم سان ملاقات دوران اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪيترن ئي اهم شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. وزيراعظم مختلف شعبن ۾ تعاون تي ڳالهه ٻولهه کي مثبت قرار ڏنو ۽ ان تي اطمينان ۽ خوشي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ملائيشيا جي وزيراعظم کي پاڪستاني و??پا??ين ۽ ملائيشيا جي و??پا??ين کي گڏيل منصوبن جي لاءِ هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو آهي. هن چيو ته ٻئي ملڪ حلال گوشت، آءِ ٽي، اي وي، سيمي ڪنڊڪٽر سميت ٻي?? گڏيل مفاد جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏئي سگهن ٿا، هاڻي اهو اسان تي آهي ته ان موقعي مان ڪهڙي طرح فائدو کڻون ٿا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ و??پا??، سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جا وسيع موقعا موجود آهن، اسان اعليٰ معيار جي مصنوعات جي مٽاسٽا ڪري سگهون ٿا، ملائيشيا کي اعليٰ قسم جو حلال گوشت جلد برآمد ڪنداسين، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون ۾ هنرمند ماڻهن جي لاءِ وسيع موقعا دستياب آهن. هن چيو ته ملائيشيا جي وزيراعظم جي دعوت تي ملائيشيا جو دورو ڪندس جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جون نيون راهون کلنديون ۽ ٻطرفي مع??هدن تي عملدرآمد ۾ تيزي آندي ويندي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا دنيا جي ٻي?? ملڪن جي لاءِ رول ماڊل آهن. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم چيو ته هي بزنس ڊائيلاگ منعقد ڪرڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بزنس ليڊرز جو ٿورائتو آهيان، پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وفدن جي وچ ۾ ملاقات دوران گڏيل تعاون جي فروغ ۽ مختلف موقعن ۽ منصوبن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان ۾ نسٽ ۾ بهترين ريسرچ ڪئي وڃي ٿي، اسان پاڪستان جي سائنس ۽ ريسرچ جي شعبي ۾ تجربن مان فائدو کڻنداسين. هن چيو ته مع??شي ترقي ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ پاليسين جو تسلسل لازمي آهي، هو ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻطرفي و??پا??، سيڙپڪاري، برآمدات جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهن، اسان گوشت، چانور پاڪستان مان درآمد ڪري سگهون ٿا، آسيان فورم تحت مع??شي رابطن جي فروغ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، اقتصادي تعاون وڌائڻ جي لاءِ بزنس ڪميونٽي ۾ رابطا اهميت رکندڙ آهن.