اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وز??ر سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ ٿيندڙ ترقي پاڪستان لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندي. ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽارٽ اپ سمٽ لاءِ وڊيو پيغام ۾ ناڻي واري وز??ر محمد اورنگزيب چيو ته معاشي ترق?? کي بهتر ڪرڻ لاءِ ادارن وچ ۾ رابطا مضب??ط هجڻ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته جڏهن مختلف حڪومتي، مالياتي ۽ ڪاروباري ادارا هڪ ٻئي سان موثر انداز ۾ رابطي ۾ هو??دا آهن ته ان سان منصوبه بندي ۽ عمل جي رفتار ۾ بهتري ايندي آهي. ان سان نه رڳو فيصلا جلدي ٿي??دا آهن پر وسيلن جو درست ۽ موثر استعمال به ممڪن ٿئي ٿو، جيڪو اقتصادي ترق?? کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هن چيو ته ادارن وچ ۾ مضبوط رابطو ۽ سهڪار پاليسيون لاڳو ڪرڻ، سيڙپڪارن جي سهولت ۽ عوامي ڀلائي جي پروگرامن ۾ ڪامياب?? کي يقيني بڻائي سگهي ٿو. ناڻي واري وفاقي وز??ر چيو ته حڪومت جو ڪم پاليسي فريم ورڪ، معيشت جي بهتري لاءِ سڀن?? کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته شين کي بهتر ڪرڻ لاءِ ادارن وچ ۾ رابطو مضب??ط هجڻ انتهائي ضروري آهي. آءِ ٽي ذريعي ئي اڳتي وڌي سگهجي ٿو. مالياتي شموليت ۾ ٽيڪنالاجي انتهائي اهم ڪردار ادا ڪندي. محمد اورنگزيب چيو ته گذريل هفتي رياض ۾ سعودي عرب جي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز سان ملاقات ٿي، رياض ۾ منعقد ڪانفرنس جو ٿيم آرٽيفيشل سپر انٽيليجنس هو. ناڻي واري وز??ر چيو ته عالمي سطح تي سيڙپ جي فراهمي ۾ فني درستگي آئي آهي، معيشت ۾ بهتري لاءِ قدم کڻڻ پهرين ترجيح آهي، شيون بهتر ٿي رهيون آهن پر سڀن?? کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته حڪومت جو ڪم پاليسي فريم ورڪ ۽ ان ۾ تسلسل برقرار رکڻ آهي، نجي شعبن جي ذميواري آهي ته اهي ڪمن کي توسيع ڏين.