اسلام آباد-21 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبر ضلعي
جي علائقي راجگال ۾ سيڪيورٽي آپريشن ۾ فتنه الخوارج جي 4 دهشتگردن کي
جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.
وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان ??اري بيان موجب وزيراعظم
فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جي سپاهي عامر سهيل آفريدي جي شهادت تي
افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم شهيد سپاهي لاءِ ??خشش ۽ وارثن لاءِ
صبر جي دعا ڪندي چيو ته قوم جي پٽن جون قربانيون رائيگان وڃڻ نه
ڏينداسين. وزيراعظم چيو ته انسانيت جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾
ملائيندا رهنداسين، حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان فتنه الخوارج جي
مڪمل خاتمي لاءِ ??رگرم عمل آهن.