اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) جي مالي سال 25-2024?? جي پهرين ٽه ماهي ايڊج??ٽم??نٽ جي مد ۾ تقريبن 20 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏيندي فيصلو وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو آهي. نيپرا ترجمان ڪالهه جاري ڪيل بيان موجب ڊسڪوز نيپرا کي ٽه ماهي ايڊج??ٽم??نٽس جي درخواست ڏني هئي، جنهن تي اٿارٽي مالي سال 25-2024?? جي پهرين ٽه ماهي ايڊج??ٽم??نٽ تي 20 نومبر تي عوامي ٻُڌڻي ڪئي هئي. اٿارٽي ??يٽا جي جاچ پڙتال کانپوءِ ڊسڪوز جي صارفين لاءِ پهرين ٽه ماهي ايڊج??ٽم??نٽس جي مد ۾ تقريبن 20 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جيڪو صرف ڊسمبر جي مهيني لاءِ بلن ۾ لاڳو هوندو، ان کان اڳ مالي سال 24-2023?? جي چوٿين ٽه ماهي ايڊج??ٽم??نٽ جي مد ۾ صارفين کان ايوريج 1.74 رپيا في يونٽ چارج ڪيو پيو وڃي، جيڪو نومبر تائين لاڳو هو. پهرين ٽه ماهي ايڊج??ٽم??نٽ ۾ گذريل مالي سال جي چوٿين ٽه ماهي ايڊج??ٽم??نٽ جي ڀيٽ ۾ 1.54 رپيا في يونٽ صارفين کان گهٽ چارج ڪيو ويندو. ان ٽه ماهي جو لاڳو ٿيڻ ڊسڪوز ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي سمورن صارفين کانسواءِ لائيف لائن صارفين تي هوندو، ٽه ماهي ايڊج??ٽم??نٽ جو فيصلو نوٽيفڪيشن کان پهرين وفاقي حڪومت آگاهه ڪيو ويو آهي.