اسلام آباد- 10 ڊسمبر (اي پي پي) ايف بي آر پاڪستان حڪومت ۽ آذربائيجان وچ ۾ نئين ٽرانزٽ واپار معاهدي ۾ ترميمن جو مسودو جاري ڪري ڇڏيو آهي. معاهدي جو مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ناتن کي ??ضبوط بنائڻ ۽ گڏيل واپار ۾ سهولتون فر??هم ڪرڻ آهي. ايف بي آر ان حوالي سان نَون قاعدن ۽ ضابطن تي ٻَڌل مسودي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ٽرانزٽ واپار جي مختلف پهلوئن جو احاطو ڪيو ويو آهي. مسودي تحت پورٽ قاسم ۽ گوادر جي بندرگاهه واپاري ساما?? جي چُرپُر لاءِ ??هم هنڌ قرار ڏنا ويا آهن. مسودي موجب آذربائيجان جا ڪاروباري ادارا، حڪومت ۽ سفارتي مشنز کي ??اڪستان ڪسٽمز جي ڪمپيوٽرائيزڊ سسٽم ۾ رجسٽريشن ڪرائڻي پوندي ته جيئن هو واپاري سهولتن مان فائدو کڻي سگهن. واپاري سامان کڻي ويندڙ گاڏين کي ??نهي ملڪ?? جي لاڳاپيل عملدارن کان اجازت نامو وٺڻو پوندو. هر گاڏيءَ کي ??ريڪرز ۽ ڪسٽمز سان ڳنڍيو ويندو ته جيئن ساما?? جي نگراني ممڪن ٿئي. ساما?? جي چُرپُر دوران ڪنهن به نقصا?? جي صورت ۾ ڪارراوئيءَ جا قاعدا به واضح ڪيا ويا آهن. معاهدي تحت ٻئي ملڪ ضرورت پوڻ تي اضافي اجازت ناما جاري ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته انهن تي مقرر چارجز لاڳو هوندا. واپاري ساما?? جي نگراني ۽ شفافيت ل??ءِ انشورنس گارنٽي فر??هم ڪرڻ لازمي هوندي. اهو معاهدو ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي ??ٿي وٺرائڻ سان گڏوگڏ خطي ۾ عالمي واپار جون نيون راهون کوليندو. ان سان نه صرف پاڪستا?? جي بندرگاه?? جي اهميت ۾ اضافو ٿيندو پر آذربائيجان لاءِ پڻ عالمي مارڪيٽن تائين پهچ ۾ آساني ٿيندي. نوٽيفڪيشن ۾ سمورن لاڳاپيل ڌُرين کي درخواست ڪئي وئي آهي ته هو 15 ڏينهن اندر انهن قاعدن تي پنهنجا رايا يا تجويزون پيش ڪن ته جيئن ا?? جي حتمي منظوري ڏئي سگهجي.