اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ 18 هين اسپيڪرز ڪان??رن?? منعقد ٿي جنهن ۾ چئني صوبن ۽ آزاد ڄمون ڪشمير ۽ گلگت بلتستان قانون ساز اسيمبلين جي اسپيڪرن ڀرپور انداز ۾ شرڪت ڪئي، 10 سالن کان??وء?? ڪان??رن?? منعقد ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ تي صوبائي اسيمبلين جي اسپيڪرن، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق کي زبردست خراج پيش ڪيو.
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان ٺاهيل دستاويزي فلم مطابق اسپيڪرز ڪان??رن?? جي شروعات 1921ع ۾ ٿي جڏهن ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند تي برطانوي راڄ تحت اولهه جي جمهوريت خاص طور تي ويسٽ منسٽرز جي حڪومتي طرز سان روشناس ڪرايو ويو، ان اهم فورم کي ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي پارلياماني تاريخ ۾ اهميت حاصل آهي. پاڪستان ۾ آئين سازي ۾ دير، ون يونٽ قائم ٿيڻ ۽ جمهوريت ختم ٿيڻ سبب اهم پارلياماني فورم سرد خاني ۾ هليو ويو. 1973ع ۾ متفقه آئين جي منظوري وفاقي پارلياماني جمهوريت جي راهه هموار ڪئي ته اسپيڪرز ڪان??رن?? کي نئين سر فعال ڪيو ويو. پاڪستان ۾ پهرين اسپيڪرز ڪان??رن?? 1972ع ۾ ڪراچي ۾ منعقد ٿي جنهن جي صدارت ٽئين آئيني اسيمبلي جي اسپيڪر فضل الاهي چوڌري ڪئي، 1973ع، 1975ع، 1976ع ۾ ترتيبوار ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ سوات ۾ اسپيڪرز ڪان??رن??ز ان وقت جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر صاحبزاده فاروق علي جي سربراهي ۾ منعقد ٿيون، ستين ۽ اٺين اسپيڪرز ڪان??رن??ز 1985ع ۽ 1986ع ۾ اسلام آباد ۾ ان وقت جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سيد فخر امام جي سربراهي ۾ منعقد ٿي، نائين اسپيڪرز ڪان??رن?? 1987ع ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر حامد ناصر چٺه جي سربراهي ۾ ڪوئيٽا ۾ منعقد ٿي. قومي اسميبلي جي اسپيڪر ملڪ معراج خالد کي 10 هين ۽ 11 هين ڪان??رن?? جيڪا 1989ع ۽ 1990ع ۾ ڪراچي ۽ لاهور ۾ ٿيون، جي سربراهي ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، ??وء?? ٽن سالن بعد قومي اسيمبلي جي اسپيڪر گوهر ايوب خان جي سربراهي ۾ 1993ع ۾ 12 هين اسپيڪرز ڪان??رن?? پشاور ۾ منعقد ٿي جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر الاهي بخش سومرو 1998ع ۾ مظفر آباد ۾ 13 هين اسپيڪرز ڪان??رن?? جي سربراهي ڪئي. پنجن سالن جي وقفي کان??وء?? قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري امير حسين جي سربراهي ۾ 2004ع ۾ 14هين ۽ 2006ع ۾ 15هين اسپيڪرز ڪان??رن?? منعقد ٿي ۽ 16 هين اسپيڪرز ڪان??رن?? 2010ع ۾ اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا جي سربراهي ۾ لاهور ۾ منعقد ٿي، 17 هين اسپيڪرز ڪان??رن?? قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي سربراهي ۾ 2014ع ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿي، هاڻي 10 سالن کان??وء?? سندس صدارت هيٺ 18 هين اسپيڪرز ڪان??رن?? منعقد ٿي رهي آهي.