ا??لا?? آباد– 19 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ سعودي عرب سان پارلياماني تعاون ۽ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ سيڙپڪاري تعاون وڌائڻ جي وڌيڪ گنجائش موجود آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار سعودي عرب جي شوريٰ ڪائونس?? جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن محمد بن ابراهيم الشيخ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن شوريٰ ڪائونس?? جي ميمبرن ??ان گڏ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نوفاد بن سعيد المالڪي، پارليامينٽ ميمبرن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن ??رڪت ڪئي. صدر سعودي عرب سان اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته سعودي عرب سان پارلياماني تعاون سان پاڪ – سعودي عرب ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا گ??يل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت تي قائم آهن. صدر بيگناهه شهرين کي نشانو بڻائڻ ۽ اسرائيلي جارحيت سان پيدا ٿيندڙ وچ اوڀر جي سنگين صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان فلسطين، لبنان ۽ شام سان تعلق رکندڙ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن ??ان گڏ بيٺل آهي. صدر خادمين حرمين شريفين ۽ شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ چيو ته پاڪستاني عوام شاه??لا??_مشین/105584.html">? سلمان بن عبدالعزيز جي صحت، تندرستي ۽ وڏي عمر جي لاءِ دعاڳو آهي. ملاقات دوران ٻنهي ڌرين پراڻي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ بدلائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سعودي عرب جي شوريٰ ڪائونس?? جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن محمد بن ابراهيم الشيخ پنهنجي پاڪستان جي دوري کي انتهائي لاڀائتي قرار ڏيندي چيو ته سندس پاڪستان جي قيادت ۽ پارليامينٽ ميمبرن ??ان لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. شوريٰ ڪائونس?? جي چيئرمين شاه??لا??_مشین/105584.html">? سلمان ۽ شهزاده محمد بن سلمان پاران صدر جي صحت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.