اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف چيو آهي ته شهيد اعتزاز حسن بي مثال بهادري جو مظاهرو ڪري پنهنجي اسڪول ۽ ڪلاس فيلورز کي دهشتگرد حملي کان بچائيندي پنهنجي جان قربان ڪئي، اعتزاز جي ميراث ايندڙ نسلن جي لاءِ مشعل راهه آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيد اعتزاز جي ورسيءَ جي موقعي تي چيو ته اڄ اسان خيبرپختونخواهه جي ضلعي هنگو سان ت??لق رکندڙ پاڪ مٽيءَ جي فرزند شهيد اعتزاز حسن جي شه??دت کي ياد ڪري ڏکويل آهيو?? جنهن جي غيرمعمولي جرئت اسان جي لاءِ اميد جو ڏيئو آهي. وزيراعظم چيو ته رڳو 15 سالن جي عمر ۾ اعتزاز بي مثال بهادري جو مظاهرو ڪيو ۽ پنهنجي اسڪول ۽ ڪلاس فيلوز کي دهشتگرد حملي کان بچائيندي پنهنجي جان قربان ڪئي. هن چيو ته اعتزاز جو بي لوث ۽ پختو عزم اسان کي ياد ڏياري ٿو ته همت ۽ بهادري جو هڪ عمل ڪيترين ئي زندگين کي بچائي سگهي ٿو، اعتزاز جي ميراث ايندڙ نسلن جي لاءِ مشعل راهه آهي.