اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته پوليو ورڪرز جي سيڪيورٽي کي ڪنهن به طور تي نظرانداز نٿو ڪري سگ??جي، ان سلسلي ۾ سمورا ممڪن قدم کنيا وڃن، بدقسمتي سان پاڪستان ۾ پوليو کان متاثر ٻارن جي ڪيسز جو انگ وڌي رهيو آهي جنهن جي لاءِ اڃا وڌيڪ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم سان پوليو جي خاتمي واري ٽيم ملاقات ڪئي. ملاقات ۾و زيراعظم جو قومي صح?? بابت ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ، وزيراعظم جي پوليو جي خاتمي بابت فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق، قومي صحت و??رو وفاقي سيڪريٽري نديم محبوب، نيشنل ڪوآرڊينيٽر نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر انوارالحق، صح?? جي عالمي اداري جو ڊپٽي نيشنل ٽيم ليڊر ڊاڪٽر صوغائر ۽ سينٽر فار ڊيزيز ڪنٽرول اينڊ پريوينشن جو سينيئر ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد صفدر شامل هئا. وزيراعظم چيو ته بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس مون کي خط لکيو آهي جنهن ۾ هن پاڪستان ۾ جاري پوليو جي خاتمي واري مهم ۽ ان مهم جي لاءِ ڪم ڪندڙ سمورن پوليو جي خاتمي وارن ورڪرز جي ڏينهن رات محنت کي ساراهيو آهي. وزيراعظم چيو ته بل گيٽس فائونڊيشن ۽ سمورن ملڪي ۽ عالمي حصيدارن ج?? ٿورائتا آهيون جن جي حمايت ۽ تعاون جي ڪري پاڪستان ۾ صح?? جي شعبي ۾ اهم قدم کنيا پيا وڃن ۽ پوليو کي پاڪستان مان ختم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪيون پيون وڃن. وزيراعظم چيو ته صح?? جي سمورن شعبن بشمول پوليو جي خاتمي ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال کي وڌايو پيو وڃي ته جيئن عوامي صح?? ۽ سارسنڀال جي نگراني جي عمل کي جديد رخن تي قائم ڪري سگ??جي ۽ بهتر نتيجا حاصل ڪري سگ??جن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پوليو جي خاتمي واري مهم دوران لاڳاپيل ماڻهن جي پوليو کان وڌيڪ متاثر علائقن جي دورن جو منظم روسٽر جوڙيو وڃي ته جيئن انهن مهمن کي اڃا وڌيڪ لاڀائتو بڻائي سگ??جي. وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ پوليو کان متاثر ٻارن جو انگ وڌي رهيو آهي، جنهن جي لاءِ وڌيڪ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پوليو ورڪرز جي سيڪيورٽي کي ڪنهن به طور تي نظرانداز نٿو ڪري سگ??جي ۽ ان سلسلي ۾ سمورا ممڪن قدم کنيا وڃن. وزيراعظم کي پوليو جي خاتمي جي تازي مهم ۽ ان جي نتيجن تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته مقامي ماڻهن جي مدد سان پوليو جي خاتمي واري تحريڪ کي ڪامياب بڻايو پيو وڃي.