اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) قومي رابطا ڪميٽي ۾ سمورن صوبائي وڏن وزيرن طرفان ڪيل فيصلن تي عملدرآمد لاءِ مروجه پلان نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر کي موڪليا وڃن ته جيئن فيصلن تي عملدرآمد کي موث?? ۽ ??ق??ني بڻائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي وزير اسد عمر اين سي او سي جي گڏجاڻي جي صدارت ڪند?? ڪيو جنهن ۾ اين سي او س?? ڪيل فيصلن تي آئنده جي لائحه عمل، سياحت جي شعبي کي کولڻ بابت تجو??زن ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد جي حوالي سان غور ڪيو، اسد عمر جو وڌيڪ چوڻ هو ته صوبائي چيف سيڪريٽريز سان عملدرآمد لاءِ جوڙيل لائحه عمل اين سي او سي ۾ پيش ڪيو وڃي، هن خبردار ڪيو ته بازار، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ صنعتي شعبا انتهائي خط??نا?? جايون آهن جتي ڪورونا جي پکڙجڻ جو خدشو تمام گهڻو آهي جنهن جي لاءِ ايس او پيز تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي.