اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ توانائي بابت ڪابي??ا ڪميٽي جو اجلاس خميس ڏينهن اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ڪابي??ا ڪميٽي توانائي واري وزارت جي ڊيزل ۽ پيٽرول ج?? درآمدات کي يورو V معيار موجب ڪرڻ جي سفارشن جي منظوري ڏني وئي، انهن مصنوعات ۾ سلفر جي گهٽ مقدار جي ڪري فضائي آلودگي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ياد رهي ته پاڪستان ۾ ڪيترائي ميداني علائقا سردين ۾ ڌنڌ (سموگ) جو شڪار رهندا آهن، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پيٽروليم ڊويزن ملڪ ۾ ??وج??د تيل صاف ڪندڙ ڪارخانن سان يورو V کي ملڪ ۾ لاڳو ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪندي، ڪابي??ا ڪميٽي فيصلو ڪيو ته پهرين آگسٽ 2020ع کان پوءِ آئل ڪمپنين کي صرف يورو V پيٽرول درآمد ڪرڻ جي اجازت هوندي، ڪابي??ا ڪميٽي جي فيصلي موجب جنوري 2021ع کان صرف يورو V ڊيزل درآمد ڪرڻ جي اجازت هوندي ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ادارا تفصيلي پلان تيار ڪندا.