اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غ??رقانوني قدمن جو هڪ ??ال مڪمل ٿيڻ تي ڪشميرين جي حمايت ۽ ڀارتي ڏاڍ ۽ استحصال جي خلاف جرئتمنداڻو آواز بلند ڪرڻ تي ملائيشيا جي اڳوڻ?? و??يراعظم ڊاڪٽر مهاتير محمد جا ٿورا مڃيا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خا?? چيو ته آئون 8 آگسٽ تي ملائيشيا جي اڳوڻ?? و??يراعظم ڊاڪٽر مهاتير محمد پاران ڪشمير تي ڀارت جي غاصباڻي قبضي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غ??رقانوني قدم کي اجاگر ڪرڻ تي سندس ٿورا مڃان ٿو. ڊاڪٽر مهاتير محمد ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ به گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ گذريل ??ال پنهنجي خطاب جو دفاع ڪندي چيو ته ڀارت جي ردعمل ۽ پام آئل جي درآمد متاثر ٿيڻ جي باوجود هو ڀارت جي قدمن جي خلاف ڳالهه ڪندو ۽ ڀارت جي ناانصافي تي آواز بلند ڪرڻ جي قيمت ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ کيس ڀارت جي خلاف ڳالهه ۾ ڪا شرمندگي نه آهي.