دادو-09 آگسٽ (اي پي پي) پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ پارلياماني ليڊر حليم عادل شيخ دادو ضلعي جي جوهي واري علائقي ۾ پهتو ۽ نئين گاج جي پاڻي سبب متاثر ٿيل ڪٽنبن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو. جڏهن ته ٻوڏ واري ص??رتحال ۽ امدادي ڪمن جو جائزو ورتو. هن چيو ته بلوچستان مان ايندڙ پاڻي نئين گاج ۽ منڇر ڍنڍ ۾ ويندو آهي. سن?? جي نااهل حڪمرانن اهو معلوم به نه ڪيو ته هن ڀيري پاڻي وڌيڪ ايندو ۽ اهڙي ٻوڏ واري ص??رتحال پيدا ٿيندي. ٻوڏ واري ص??رتحال سبب 200 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جڏهن ته وڏي تعداد ۾ چوپايو مال پڻ پاڻي ۾ ٻڏي ويو آهي. هن چيو ته متاثرين جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. سن?? جي اداري پي ايم ڊي سميت مختلف ٻين ادارن کي اڳ ۾ پهچڻ گهرجي ??ا. ??ليم عادل شيخ چيو ته اهو سن?? جي وڏي وزير جو تڪ آهي جڏهن ته هتان جو ڪو به والي وارث ناهي. گذريل ڏينهن رهواسي وڻن تي چڙهي مدد گهري رهيا هئا. هن چيو ته مدد لاءِ فوجي ٽيمون پهچي ويون آهن، فوجي جوان علائقي واسين جي مدد ڪري انهن کي محفوظ جاين تي پهچائي رهيا آهن ۽ کائڻ پيئڻ جو سامان پهچايو پيو وڃي.