اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس هتي منعقد ٿيو، اجلاس ?? اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، خاص مددگار ملڪ امين اسلم، ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، لاڳاپيل و??ار??ن جي سيڪريٽرين ۽ ٻين آفيسرن ش??ڪت ڪئي جڏهن ته چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ?? ش??ڪت ڪئي، سي ڊي اي چيئرمين وزيراعظم کي وفاقي گا??ي واري شهر ۾ تعميرات جي شعبي ۾ ڏنل مراعتن، ڪمرشل، رهائشي تعميرات جي حوالي سان هيستائين ڏنل منظورين، ويجهي مستقبل ۾ شروع ٿيندڙ منصوبن، پارڪ انڪليو ٿري منصوبي ۽ بليو ايريا ۾ ڪمرشل پلاٽس جي نيلامي ۾ اڳڀرا??ي ۽ سي ڊي اي جي مڪمل آٽوميشن تي بريفنگ ڏني.