اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سنڌ خاص طور تي ڪراچي جي عوام جي ترقياتي ضرورتن ۽ درپيش مسئلن جو مڪمل پتو آهي ۽ وفاقي حڪ??مت ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ??ند??، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ڪراچي ۾ وفاقي حڪ??مت طرفان مختلف ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزي اجلاس کي خطاب ??ند?? ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، مراد سعيد ۽ سينئر آفيسر شريڪ ٿيا ۽ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ڪراچي مان وڊيو لنڪ جي ذريعي شريڪ ٿيو، اجلاس ۾ سنڌ صوبي ۽ ڪراچي ۾ وفاقي حڪ??مت جي ترقياتي منصوبن تي هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ??يو. سنڌ جي گورنر وزيراعظم کي ڪراچي جي تازه ترين صورتحال جي باري ۾بريف ڪيو.