اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ??هباز گل چيو آهي ته پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار ڪم ڪرڻ تي يقين رکي ٿو نه وري شوبازن وانگ?? ڊرامي بازي ڪرڻ تي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جيڪڏهن ڪر??ٽ چاچا جو دور هجي ها ته پنجاب انفارميشن ڊپارٽمينٽ ان جو انتظام ڪر?? رهيو هجي ها، اسڪرپٽ لکيو وڃي ها، ٽن طرفن کان ڪئيمرا، هڪ گلوبٽ گڏ زمين تي ڪر??ٽ چاچا پرفارمر ڪر?? ها ۽ بس ڳالهه ختم . وزيراعظم جي خاص مددگار موٽر وي تي عورت سان زيادتي ڪندڙ ٻن جوابدارن جون تصويرون به شيئر ڪيون ۽ چيو ته هي اهي بدقسمت درندا آهن جيڪي ان واقعي ۾ ملوث هئا، پنجاب پوليس جلد ئي کين گرفتار ڪر?? قرار واقعي سازا ڏياريندي، هن چيو ته وزيراعظم پنجاب جي وڏي وزير سان رابطي ۾ آهي، جوابدارن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو.